
اسلام آباد:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي چيف اليڪشن ڪمشنر بابت الزام بي بنياد آهن، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ به اسان سان ملندا رهيا آهن.
پڌرائي ۾ ڄاڻآيو ويو آهي ته ڪجهه مفاد پرست عناصر ۽ گروپ اليڪشن ڪميشن، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تي بي بنياد الزام لڳائيندا رهيا آهن ۽ گمراهه ڪندڙ آڇ ۾ مصروف آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان وڌيڪ چيو ويو هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر هر فيصلو بنا ڪنهن جي خواهشن کي آڏو رکندي آئين ۽ قانون موجب ڪندا آهن، ڪنهن به قسم جي دٻاءُ يا بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا ۽ نه ئي انهن جي اهڙن حرڪتن سان پوئتي ٿيندا.
پڌرائي موجب تازو ئي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات ٿي جنهن تي حقيقتن کان هٽي ڪري تبصرا ڪيا ويا. جنهن ۾ ڪابه حقيقت نه آهي. مختلف وقتن ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڪيترن ئي آئيني ۽ انتظامي عهديدار سرڪاري معاملن جي سلسلي ۾ ملندا رهيا آهن.
اڳوڻي صدر عارف علوي سان اليڪشن ڪمشنر جي ۽ ڪميشن جي ميمبرن جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن خاص طور تي اي يو ايم ۽ انٽرنيٽ ووٽنگ جيڪا صدر جي مينديٽ ۾ به نٿو اچي جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر شريڪ رهيو آهي.
وڌيڪ اهو ته پي ٽي آءِ جي ڪيترن اڳواڻن جي درخواستن تي چيف اليڪشن ڪمشنر انهي سان ملندو رهيو آهي جنهن ۾ وائس چيئرمين پي ٽي آءِ شاهه محمود قريشي، انهي وقت جو جنرل سيڪريٽري اسد عمر، پرويز خٽڪ، محمود خان وڏو وزير خيبرپختونخواهه شامل آهن.
اهڙي طرح ڪجهه معاملن تي انهي وقت جي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان به چيف اليڪشن جي وڏي وزير جي آفيس ۾ ملاقات ٿي. اليڪشن ڪميشن جا ميمبر به ٻين وڏن وزيرن سان سرڪاري فرض انجام ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملندا رهيا آهن. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڇا انهي وقت اهو صحيح هو ۽ هاڻ غلط آهي. اليڪشن ڪميشن جو ڪوبه عهديدار ڪنهن ذاتي ڪم جي لاءِ ۽ ذاتي حيثيت ۾ ڪنهن به شخصيت سان نه مليو آهي. سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جو اليڪشن ڪميشن کي اپروچ ڪرڻ ڪنهن به طور تي ضابطه اخلاق نه آهي.
اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب صاحبزاده محمد حامد رضا جو اهو الزام ته ريٽرننگ آفيسر انهي کي سني اتحاد ڪونسل جو اميدوار ڊڪليئر ناهي ڪيو. جيڪو سراسر غلط آهي. انهي جي اصل حقيقت اها آهي ته انهن پنهنجي نامزدگي ڪاغذن تي پنهنجو سني اتحاد ڪونسل الائنس پي ٽي آءِ لکيو جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ جي قلم 215(2) اور رول 162(2) جي تحت ٻئي پارٽيون ( پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل) نه ته اليڪشن ڪميشن کي الائنس جي درخواست ڏني ۽ نه ئي ڪو هڪ نشان ڏيڻ جي لاءِ چيو.
موصوف نامزدگي ڪاغذن سان گڏ جيڪو ڊڪليئرنس جمع ڪرايو اهو پي ٽي آءِ نظرياتي(پي ٽي آءِ اين) جو هو انهي سان گڏ مذڪوره بالا پارٽي جو ٽڪيٽ به جمع ناهي ڪرايو. ريٽرننگ آفيسر انهي کي ضابطه جي تحت آزاد اميدوار جي طور تي مينار جو نشان ڏنو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language