welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لياري سانحو: ايس بي سي اي جو سربراهه معطل، فوتين جي وارثن لاءِ مالي امداد جو اعلان، 51 زبون حال عمارتن کي ڪيرائڻ جو فيصلو

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)سنڌ حڪومت ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ عمارت ڪرڻ جي سانحي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سربراهه کي معطل ڪندي فوتين جي وارثن لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لياري بلڊنگ سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي ايس بي سي اي کي معطل ڪندي گهرو وزير کي فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث ماڻهن جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيوته وڏي وزير فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جو دائرو وڌائيندي ڪمشنر ڪراچي کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري 2 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي سفارشن تي آپريشن ڪيو ويندو. هن چيو ته زبون حال بڻيل عمارتون خالي ڪرائڻ کان پوءِ ماڻهن کي بي يارو مددگار نه ڇڏينداسين، فوتين جي وارثن کي في ماڻهو 10 لک روپيه ڏنا ويندا. انهي موقعي تي سعيد غني چيو ته 51 زبون حال عمارتن کي ڪيرائڻ جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ٻين زبون حال عمارتن جي رپورٽ سامهون اچي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے