اسلام آباد:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سمورين مخصوص سيٽن تي بحال ميمبرن کي معطلي جي وقت دوران پگهارون ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پارلياماني ذريعن موجب 77 ميمبرن کي 13 مئي 2024 تي معطل ڪيو ويو هو، معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي انهن جون پگهارون روڪيون ويون هيون. قومي اسيمبلي جا گڏيل طور تي 22 ميمبر معطل ٿيا هئا، انهن ۾ 19 عورتون، 3 اقليتي ميمبر شامل هئا، 22 مان 19 جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو جڏهن ته 3 سيٽن تي اڃان فيصلو ٿيڻو آهي.
قومي اسيمبلي جي اهڙن 19 ميمبرن کي 13 مئي کان وٺي عدالتي فيصلي جي تاريخ تائين بنيادي پگهارون ادا ڪيون وينديون، اهڙن ميمبرن کي ڪوبه ٽي اي ڊي اي ۽ ٻيو الائونس نه ملي سگهندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language