welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان کي نشانو بنائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو تڪليف ڏيندڙ ۽ سوچ کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو: فيلڊ مارشل

اسلام آباد:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي آبادي جي مرڪز، فوجي اڏن، اقتصادي مرڪز ۽ بندرگاهن کي نشانو بنائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو سخت، گهرو، تڪليف ڏيندڙ ۽ سوچ کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي ڀارت جي بيروني حمايت جا الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي فارغ التحصيل آفيسرن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير جنگ کي تبديل ٿيل ڪردار تي روشني وڌي. فيلڊ مارشل مشڪل حالتن ۾ ڏکين چيلنجن کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني تياري، عملي فهم ۽ پيشه وارانه مهارت جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف هائيبرڊ، روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ مستقبل جي قيادت جي تياري ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جهڙي اهم ادارن جي تعريف ڪئي. آرمي چيف سول ۽ ملٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. آرمي چيف چيو ته ڀارت آپريشن سندور جي دوران اهڙن مقرر ڪيل فوجي حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ڀارت طرفان آپريشن سندور ۾ ناڪامي جي غير منطقي ترجيحات پيش ڪرڻ اصل ۾ ڀارت جي آپريشنل تياري ۽ تزويراني دور انديش جي فقدان کي ثابت ڪري ٿو. فيلڊ مارشل چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ۾ ڀارت طرفان بيروني حمايت جهڙا الزام غير ذميوارانه ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. اهڙي قسم جا بيان ڀارت جي آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ ۾ هچڪچاهٽ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي ڏهاڪن تي ٻڌل حڪمت عملي، مقامي صلاحيت ۽ مضبوط ادارن جي بنياد تي ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي. آرمي چيف چيو ته جنگون ميڊيا جي بيان بازي، درآمد ٿيل فينسي جنگي سازو سامان يا سياسي نعريبازي سان نٿيون کٽيون وڃن. جنگون يقينن محڪم، پيشوارانه قابليت، آپريشنل شفافيت، ادارن جي مضبوطي ۽ قومي عزم وحوصلي جي ذريعي کٽيون وينديون آهن. انهي موقعي تي فيلڊ مارش: پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوارانه مهارت، جذبي ۽ جنگي تياري تي مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل فارغ التحصيل آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي ديانتداري، بي لوث خدمت ۽ قوم جي لاءِ ثابت قدم رهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے