welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: ملير جيل مان فرار ٿيل وڌيڪ 4 قيدي گرفتار، 68 جي ڳولا جاري

ڪراچي:(خميس 12 جون 2025ع)ڪراچي جي ملير جيل مان فرار ٿيندڙ چار وڌيڪ قيدي پڪڙيا ويا آهن. جيل اختيارين موجب، هاڻي تائين 157 قيدي پڪڙيا ويا آهن ۽ 68 مفرور قيدين جي ڳولا جاري آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ملير جيل مان ڪل 225 قيدي فرار ٿيا آهن، ۽ فرار ٿيل قيدين جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن. ياد رهي ته ڪالهه پوليس اختيارين اهو به چيو هو ته ملير جيل مان فرار ٿيندڙ ٽي وڌيڪ قيدي پڪڙيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے