welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مبارڪپور: خانگي ڪاليج ۾ شاگرد سان بدفعلي جو مامرو، معززن جي ميڙ بعد متاثر خاندان راڄوڻي لاءِ راضي

مبارڪپور:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)خانگي ڪاليج ۾ شاگرد سان بدفعلي وارو مامرو،شاگرد جي وارثن ڏانهن ميڙ، آندي وئي، ميڙ کڻي اچڻ تي متاثر شاگرد جو خاندان راڄوڻي لاءِ راضي جلد مامرو ڳالهين وسيلي ختم ڪيو ويندو. مبارڪپور ج خانگي تعليمي اداري سڀقا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد حمزه ڀٽو سان بدفعلي واري مامري بعد بدفعلي جو نشانو بڻيل شاگرد جي وارثن ڏانهن علائقي جي معززين حاجي سردار خان مھر، فقير عبدالفتاح مستوئي، ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو، عبدالواحد مھر، جميل احمد ڀٽو جي اڳواڻي ميڙمنٿ قافلو آندو ويو، جنهن تي متاثر ڌر ميڙ کي مان ڏيندي شاگرد جي والد ظهور احمد ڀٽو، سجاد حيدر ڀٽو، محسن ڀٽو ۽ ٻين راڄوڻي لاءِ راضپو ڏيکاريو. ذيعن موجب متاثر ڌر جي راضپي بعد جلد علائقي جي معززين وٽ فيصلو ڪيو ويندو، ان موقعي تي ميڙ سان آيل معززين جو چوڻ هو ته متاثر خاندان انصاف گهرڻ جو اهل آهي، پر علائقي جي امن امان ۽ برادري جي مفادن کي نظر ۾ رکندي معاملي کي راڄوڻي طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٽي هفتا اڳ مبارڪپور جي خانگي تعليمي اداري سڀقا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد حمزه ڀٽو سان ڪاليج ڪلارڪ ماجد ڀٽو بدفعلي ڪئي هئي جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، مامرو ظاهر ٿيڻ شرط ڪاليج جي ڪلاڪ ماجد ڀٽو، ساٿي شاگرد عُذير ڀٽو سميت ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، هو جن مان ٻه جوابدار ماجد ڀٽو ۽ عذير ڀٽو گرفتار ٿيل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے