سيوھڻ:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پلاٽ جي مالڪي تي ڇڪتاڻ، پيرسن پيءُ اڳوڻي گهرواري ۽ پٽن خلاف پريس ڪلب پھتو. صدر محلي واسي پيرسن خداداد رند پنھنجي اڳوڻي گھرواري ۽ پنھنجي پٽن جي ظلم ۽ زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳائيندي هن چيو ته منھنجا 3 پٽ نالي شوڪت رند، رحمت الله رند ۽ الهيار عرف بابو رند منهنجي اڳوڻي زال جي چوڻ تي مونکي مارڻ ٿا چاهين.
جڏهن ته مون پنهنجو ذاتي پلاٽ پنهنجي رضا خوشي سان سردار مير بيبرگ رند کي وڪرو ڪري سڀني پٽن کي جائز ۽ برابري جي بنياد تي حصو ورهائي ڏنو آهي، منھنجا پٽ منهنجي اڳوڻي گھرواري جي چوڻ تي منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري منهنجي مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن ۽ مونکي بي وجه بدنام پيا ڪن.
جڏهن ته مٿي ڄاڻايل منهنجا پٽ مونکي جاني مالي نقصان جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مونسان انصاف ڪيو وڃي منهنجي ٻي گھرواري مان ننڍن پٽن کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار مٿي ڄاڻايل منهنجا پٽ ۽ منهنجي اڳوڻي گھرواري هوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language