گمبٽ:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ ۾ هڪ دفعو وري ٻيھر چاڙھ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
تفصيل موجب: گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياء ۾ هڪ دفعو ٻيهر چاڙه سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا ٻوڏ جو پاڻي وڌي وڃڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ڪچي جي رهواسي پڪي طرف اچڻ لاءِ تڪليفن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا غريب آبادگارن جا هزارين ايڪڙن ڪاهيل فصل جنهن ۾ وونئنڻ ،جوئر، تر، ڪمند، ۽ سبزين سميت ٻيا ڪيترائي هيٺاهين تي ڪاهيل فصل ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا جنهن سبب آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي
ٻوڏ ۾ ڳوٺ عثمان ناريجو، آچر جتوئي، علي مراد ڪلهوڙو، رانجهن ڪلهوڙو، گلاب ڪلهوڙو، عبدالرحمان ڪلهوڙو ، ڳوٺ آدم خان ڪلهوڙو سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏهن ته مال وند ماڻھون انتهائي پريشان بڻيل آهن جنهن پڪي طرف لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌ سرڪار جي آبپاشي کاتي پاران هن وقت تائين ايندڙ برساتن توڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language