welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو: ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

لاڙڪانہ:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ مبينا ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جو رهواسي 18 سالن جو پورهيت نوجوان احمد علي پٽ عاشق علي ڀٽي قتل ٿي ويو آهي. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو واقعي کان پوءِ وارثن پاران لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن دوران پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ٽائرن جو دڪان هلائيندو آهي جيڪو بئنڪ اسڪوائر جي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس گهر اچي رهيو هو ته ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ هٿياربندن ان کان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران نوجوان پاران مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے