جھلم:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پوليس مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
جهلم پوليس موجب، انجنيئر محمد علي مرزا کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، مذهبي پارٽين پاران انجنيئر علي مرزا خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم آهي ۽ هن پنهنجو يوٽيوب چينل پڻ ٺاهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language