اسلام آباد:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ صحافي سلمان اڪرم کان پڇيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي، ڪهڙا سبب هئا؟ ان تي هن جواب ڏنو ته مان هاڻي ان معاملي تي بحث نه ڪندس.
صحافي پڇيو ته هن هڪ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي هن چيو ته 'ڪو به تبصرو ناهي'.
هڪ ٻئي صحافي سلمان اڪرم کان پڇيو ته هن اڳ ۾ پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو ۽ بعد ۾ ان کي واپس وٺي ڇڏيو، جنهن تي سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته مان هاڻي ان معاملي تي بحث نه ڪندس.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ڪالهه پارٽي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language