welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

برطانيه ۾ تربيتي پرواز دوران هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 3 ڄڻا فوت

لنڊن:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)برطانيه ۾ تربيتي پرواز دوران هڪ هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ پائلٽ سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. برطانوي ميڊيا موجب، هيلي ڪاپٽر حادثو برطانوي ٻيٽ 'آئل آف وائيٽ' تي پيش آيو، جنهن ۾ پائلٽ سميت چار ماڻهو سوار هئا. فلائيٽ آپريٽر نارتھمبريا هيلي ڪاپٽر موجب، هيلي ڪاپٽر صبح 9 وڳي سينڊائون ايئرپورٽ تان چار ماڻهن سان اڏام ڪئي ۽ پرواز هڪ تربيتي مشق جي طور تي ڪئي پئي وڃي. اختيارين موجب، تقريبن 24 منٽن بعد، هڪ رپورٽ ملي ته هيلي ڪاپٽر شنڪلن علائقي ۾ روڊ جي ويجهو هڪ ميدان ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ بچاءُ ڪندڙ ادارا حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيرو ڪرڻ کان پوءِ، ويجهي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. هيلي ڪاپٽر حادثي جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، برطانيه جي هوائي حادثن جي جاچ شاخ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ماهرن کي حادثي واري هنڌ موڪليو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے