
ڪراچي:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري ادارن کي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت سڳوري 21 آڪٽوبر تائين ڌرين کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي.
رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ خاندان جي 12 ماڻهن جي خلاف نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي(اين سي سي آءِ اي) طرفان جاچ شروع ڪئي وئي هئي جنهن جي خلاف عارف علوي عدالت سان رابطو ڪيو هو.
عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ خاندان جي 12 ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نيشنل سائبر ڪرام انويسٽيگيشن ايجنسي درخواستگذار جي خلاف توهين مذهبن جي الزامن تي جاچ ڪري رهي آهي. نوٽيس جي باوجود درخواست گذار جاچ جي لاءِ پيش نه ٿيا.
درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته منهنجي موڪل خلاف توهين مذهب جو ڪوڙو الزام آهي. اين سي سي آءِ اي کي ڪنهن جا به بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو اختيار نه آهي، الزام هڪ تي آهي بينڪ اڪائونٽس سموري خاندان جا بلاڪ ڪيا ويا.
جنهن کان پوءِ عدالت ڊاڪٽر عارف علوي، پٽ اواب علوي ۽ ٻين کي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي اڳوڻي صدر سميت سمورن گهر ڀاتين کي اين سي سي آءِ اي جي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language