welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد: جعلي ڪرنسي ذريعي فراڊ ڪرڻ ۾ ملوث گينگ جا 2 جوابدار گرفتار، جعلي نوٽ ۽ موٽر سائيڪلون هٿ

: حيدرآباد(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)جعلي ڪرنسي ذريعي فراڊ ڪرڻ ۾ ملوث هڪ گينگ جا ٻه جوابدار گرفتار، جعلي نوٽ ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيو ويون آھن،سٽي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر غلام حيدر شاهاڻي ايس آءِ پي ڪاشف خان عملي سان گڏجي هڪ آپريشن ڪيو آھي. فرياد ڪندڙ رحمت خان مري سٽي پوليس ٿاڻي ۾ شڪايت داخل ڪئي ته نوسرباز گينگ جعلي نوٽ استعمال ڪندي کيس فراڊ ڪيو ۽ هڪ موٽرسائيڪل خريد ڪئي، جنهن تي سٽي پوليس شڪايت ڪندڙ جي شڪايت تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 489-سي تحت ڪرائم نمبر 111/2025 تحت ڪيس داخل ڪيو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي ھئي، جانچ دوران سٽي پوليس پنهنجي صلاحيتن ۽ وسيلن کي استعمال ڪندي نوسرباز گينگ جي ٻن ڪارڪنن، علي حسن پٽ بشير احمد ماڇي ۽ محراب حسين پٽ گل محمد ڀٽي کي گرفتار ڪيو آھي، گرفتار ٿيل جوابدارن شروعاتي جاچ دوران معصوم شهرين سان فراڊ جي واقعن جو انڪشاف ڪيو آھي، سٽي پوليس گرفتار جوابدارن جو قبضي مان غير قانوني طريقن سان خريد ڪيل جعلي ڪرنسي نوٽ ۽ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون آھن، گرفتار جوابدارن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے