
راولپنڊي:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)صحافي جي سوال تي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ ناراض ٿي وئي. راولپنڊي ۾ اڊياله جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان کان صحافي سوال ڪيو ته عمران خان ۽ انهن جي گهر ڀاتين جو چونڊ بابت ڌار موقف آهي پارٽي جيڪو فيصلو ڪيو اوهان انهي سان متفق آهيو؟
جواب ۾ عليمه خان چيو اوهان سوال عجيب وغريب پڇيو آهي، عمران خان سان ڪنهن جي به ملاقات نه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن هو گهر ڀاتين جي هٿان موقف اماڻي ٿو ته اهو عمران خان جو موقف آهي، اوهان اهو ڇو چيو ته اهو گهر ڀاتين جو موقف آهي.
هن چيو ته اوهان جون اهڙي قسم جون جيڪي ڳالهيون هونديون آهن، اهي سموريون شيطانيون اوهان ماڻهو ڪندا آهيو، جيڪڏهن اسان اوهان سان ڳالهايون ٿا ته اوهان کي اسان جو احترام ڪرڻ گهرجي، اوهان ڄاڻي واڻي عمران خان ۽ سندس گهر ڀاتين جي باري ۾ چيو، اها شيطانيت آهي مون کي انهي ڳالهه تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.
عليمه خان چيو ته اوهان 2 سالن کان اسان سان گڏ بيٺل آهيو اوهان کي مجبورن اهو سوال ڪرڻو پوندو آهي، منهنجا ٻار ۽ ڀاءُ جيل ۾ آهن، اسان جي مٿان ڪيسز آهن، ايترو ته خيال ڪري وٺو، ڄاڻي واڻي شيطان وارا سوال نه ڪريو، يقين ڪريو هن وقت مون کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو موڊ ناهي اوهان سان ڳالهائڻ جو هاڻ اسان اوهان سان نه ڳالهائينداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language