welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سول آرمڊ فورسز به بجيٽ ۾ فوج لاءِ اعلان ڪيل خصوصي الائونس گهري ورتو

اسلام آباد:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)سول آرمڊ فورسز بجيٽ ۾ فوج جي لاءِ 50 ۽ 20 سيڪڙو اعلان ڪيل خصوصي الائونس گهري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سول آرمڊ فورسز به فوج جيان خصوصي الائونس جي منظوري لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سول آرمڊ فورسز اهلڪار سرحدن جي حفاظت، اندروني سلامتي ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي آپريشن ۾ خدمتون انجام ڏيندا رهيا آهن. انهي ڪري خصوصي الائونس سمورن کاتن جي آفيسرن، عهديدارن ۽ انهن جي مساوي اهلڪارن لاءِ به منظور ڪيو وڃي. حڪومتي ذريعن موجب سنڌ رينجرز، پنجاب رينجرز، گلگت بلتستان اسڪاٽوٽس، ايف سي سائوٿ، ايف سي نارٿ خيبرپختونخواهه ۽ ايف سي نارٿ بلوچستان به خصوصي الائونس جي فراهمي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے