
حيدرآباد:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ وڏو غبن ۽ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ليڪچرار، وٽرنري ڊاڪٽر ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز لاءِ ورتل امتحانن ۾ اصل ميرٽ کي پاسي تي رکي رشوت ۽ سياسي اثر رسوخ تي آرڊر جاري ڪيا ويا.
ذريعن موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اميدوار 80 لک رپيا رشوت ڏيڻ ۽ سياسي سفارش استعمال ڪرڻ کانپوءِ پاس قرار ڏنا ويا. لسٽ ۾ ڪيترائي اهڙا نالا شامل آهن، جيڪي 40 مارڪن کان به گهٽ نمبر کڻي آيا، پر پوءِ به کين ميرٽ لسٽ ۾ جڳهه ڏني وئي.
دادو جي ميهڙ تعلقه واسڻ تحمينا شاهه، جيڪا مبينا طور امتحان ۾ ويٺي ئي نه هئي، لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي ڪامياب ظاهر ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحمينا شاهه پنهنجي بااثر مڙس ۽ صوبائي وزير جي معرفت 80 لک رشوت ڏئي نه صرف پاس ٿي، پر ليڪچرار جو آفر آرڊر پڻ حاصل ڪري ورتو.
ساڳئي وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام جي جعلي ڊگري رکندڙ اميدوارا اماره خانزاده کي به ڪامياب قرار ڏئي، وٽرنري ڊاڪٽر جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. ان بابت سوشل ميڊيا تي واويلا ٿيڻ بعد ڊگري جي جاچ لاءِ خط لکي موڪليو ويو آهي. ساڳي ئي لسٽ ۾ معذور ڪوٽا تي به ڪرپشن ڪئي وئي. صحتمند اميدوار شبير ولد نظير کي معذور ڪوٽا تحت پاس ڏيکاريو ويو. شبير امتحان ۾ صرف 37 نمبر حاصل ڪيا هئا، پر واءِ وا ۾ کيس 51 نمبر ڏئي ڪل 88 نمبرن تي ڪامياب ظاهر ڪيو ويو.
ليڪچرار لاءِ تيار ڪيل لسٽ ۾ غزل روحين، ڪاشف علي ۽ صبا پروين جهڙا نالا به شامل آهن، جيڪي رشوت ڏيڻ کانپوءِ آفر آرڊر وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هن وڏي اسڪينڊل سبب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت تي ڳرا سوال اڀري آيا آهن ۽ هزارين ميرٽ تي ويٺل اميدوارن جي حق تلفي ٿي آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language