
ڪراچي:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پاران ضلعي اي ڊي پي جا 55ارب پراڻي فارمولا هيٺ ضلعن کي ڏيڻ جو فيصلو، ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال 2025-26ع جي بجيٽ ۾ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام (ضلعي اي ڊي پي) لاءِ 55 ارب رُپيا رکيا آهن. رٿابندي کاتي جولاءِ ۾ ٻه اجلاس ڪوٺائي ِ طئه ڪيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ موجوده طريقيڪار برقرار رکيو ويندو، انهي عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪاميٽي به قائم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وڏي وزير فنڊن جي ورڇ کي برابر بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ته 80 سيڪڙو فنڊ جاري (هلندڙ) منصوبن ۽ 20 سيڪڙو نون منصوبن لاءِ رکيا ويندا. ضلعي اي ڊي پي جي منصوبن جي گهٽ ۾ گهٽ حد 50 لک رُپيا مقرر ڪئي وئي، ضلعي ترقياتي ڪاميٽي لاءِ اها حد 4 ڪروڙ ۽ ضلعي ترقياتي بورڊ لاءِ 6 ڪروڙ رُپيا هوندي. وڏي وزير چيو ته ضلعي اي ڊي پي جي رٿائن ۾ ڊي سي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندا. منصوبا انهن ادارن وسيلي تيار ڪيا ويندا، جن کي مخصوص ڪمن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، رٿائن جي منظوري ضلعي ترقياتي ڪاميٽي يا ضلعي ترقياتي بورڊ کان وٺڻ لازمي هوندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ورجاءُ کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ۽ مڪاني ادارا تصديق ڪندا ته 3سالن دوران ڄاڻايل منصوبا مڪمل يا جاري منصوبن جو حصو ناهن. وڏي وزير زور ڏنو ته رٿائن ۾ ضلعي سطح تي لاڳاپيل شعبي جي مالڪي کي يقيني بڻايو وڃي، هر منصوبي جو گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو ملهه موجوده مالي سال ۾ رکيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جا منصوبا هڪ سال ۾ مڪمل ڪيا وڃن ، رڳو مضبوط جواز تي ئي ڇوٽ ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته فنڊن جي ورڇ ۾ ترجيح جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ کي ڏني ويندي. ڪنهن به منصوبي تي نظرثاني يا ٻيهر نظرثاني جي اجازت نه هوندي سواءِ خاص حالتن جي، جتي خرچ وڌي وڃن يا ضروري ڪمپونينٽ شامل نه هجن. هن چيو ته جاري منصوبن جو ٿرو فارورڊ ٻه سال کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪو به نئون منصوبو اهڙو نه هجي، جنهن لاءِ 100 سيڪڙو رقم ساڳئي سال ۾ رکي وڃي خاص حالتن ۾ اها مدت ٻن سالن تائين ٿي سگهي ٿي. 60سيڪڙو مڪمل ٿيل جاري منصوبن جا فنڊ ٻه برابر قسطن ۾ ۽ نون منصوبن جا فنڊ 4 قسطن ۾ جاري ڪيا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language