ڪراچي:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پوليس ڪي اليڪٽرڪ چيف ۽ ٻين کي تازين برساتن دوران ناٿا خان ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 2 ڀائرن10 سالن جي سراج ۽ 20 سالن جي مراد جي موت جو ذميوار قرار ڏنو آهي، پوليس ڪي اليڪٽرڪ چيف مونس علوي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن خلاف داخل ڪيس بابت شروعاتي معلوماتي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس فوت ٿيل ڀائرن جي پيءُ سلطان جي شڪايت تي شاھ فيصل ڪالوني ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، وارثن ڪي اليڪٽرڪ چيف مونس علوي ۽ آءِ بي سي شاهه فيصل جي عملدارن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، شروعاتي پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سراج گهر جو سامان وٺڻ لاءِ ٻاهر ويو هو، گهٽي ۾ هڪ زمين اندر پوريل بجلي جي ڪيبل سان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري پيو، پاڙي وارن جي گوڙ تي ڀاءُ مراد سراج کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي بچائڻ جي ڪوشش دوران مراد کي به ڪرنٽ لڳو، پاڙي وارن جي ڪوششن باوجود ٻئيڀار فوت ٿي ويا،
0 تبصرے
Do not use vulgar language