
سکر:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي اوچتو دل ۾ تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي اسپتال پهچايو ويو، جِتي ڊاڪٽرن پاران مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون، فزيو ٿراپي بعد سيد خورشيد احمد شاهه کي آرام لاءِ گهر اماڻيو ويو. اِن ڏس ۾ شاهه هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سيد خورشيد شاهه جي طبيعت ٺيڪ آهي. معمول جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ويو آهي. چيڪ اپ ۽ ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ بعد خورشيد شاهه ڪراچي روانو. ترجمان پاران عوام ۽ ڪارڪنن کي يقين ڏياريو ويو ته خورشيد شاهه خيريت سان آهي ۽ بلڪل ٺيڪ آهي. ڪا به ڳڻتي جوڳي ڳالهه ناهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا سيد خورشيد احمد شاهه جي عيادت لاءِ اسپتال پهتا. طبيعت معلوم ڪئي. اِن ڏس ۾ شاهه هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي گذريل رات طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي فوري طور تي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه،گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزير ايڪسائيز ڪميش چاولا ۽ ٻيا اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي عيادت لاءِ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر پهتا. وزير اعلي سنڌ ڊاڪٽرن ۽ خورشيد شاهه جي جي فرزند سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد فرخ شاهه کان علاج ۽ طبيعت جي حوالي سان تفصيل حاصل ڪيا. جن وڏي وزير کي ٻڌايو ته سيد خورشيد شاهه جي طبيعت پهريان کان بهتر آهي ۽ هو جلد صحتياب ٿي عوام جي وچ ۾ هوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language