
ملير:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ ۽ چنيسر ٽائون جو چيئرمين فرحان غني ۽ سندس ساٿي سرڪاري ملازم تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي، ڪالهه فيروز آباد پوليس فرحان غني، شڪيل چانڊيو ۽ محمد احمد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، خاص عدالت جوابدار فرحان غني کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان جو وڪيل ڪير آهي؟ جنهن تي فرحان غني چيو ته اسان جو ڪو به وڪيل ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته اهي وڪيل جن وٽ پاور آف اٽارني ناهي، انهن کي پوئتي ويهڻ گهرجي، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته فريادي حافظ سهيل جدون ۽ سندس ٽيم اداري جي آفيسر جي نگراني ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته فريادي ڪٿي آهي ۽ سندس اداري جو نالو ڇا آهي؟ موٽ ۾ پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته فريادي سرڪاري آفيسر آهي، هن ٽائون چيئرمين کي ڪيبل وڇائڻ لاءِ کوٽائي جي اين او سي به ڏيکاري هئي،انهي باوجود مٿس تشدد ڪيو ويو، جوابدارن کان پڇا ڳاڇا لاءِ 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، خاص عدالت جي جج چيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جو قلم ڇو شامل ڪيو ويو؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملازم تي تشدد ڪرڻ سبب دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن، شفاف جاچ صورتحال کي واضح ڪندي، عدالت چيو ته فريادي ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته سرڪاري آفيسر آهي، عدالت چيو ته ڇا توهان جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي يا اهي پاڻ پيش ٿيا هئا ؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته اهي پاڻ گرفتار ڏيڻ آيا هئا، عدالت چيو ته ڇا ڏوهه ڪندڙ پاڻ هلي اچي گرفتاري ڏيندا آهن ؟ ٻڌڻي دوران فرحان غني چيو ته مون تي تشدد جو الزام غلط آهي, آئون صرف اهو پڇي رهيو هئس ته اهي روڊ ڪٽنگ ڇو پيا ڪن ؟ ٽائون چيئرمين جي حيثيت ۾ مون کي اختيار آهي ته جيڪڏهن ڪم بنا اجازت جي ٿي رهيو آهي ته انهي کي روڪيان
0 تبصرے
Do not use vulgar language