welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گمس ڊاڪٽر اصغر ڪيريو پاران ٻن ڪاليجن مان پگهار کڻڻ جو انڪشاف

: گمبٽ(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو پاران هڪ وقت گمس گمبٽ ۽ خيرپور ميڊيڪل مان پگهار کڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا ٻنهي جڳهن تان ڊاڪٽر پاران پگهار کڻڻ وارا دستاويز هٿ ڪري ورتا. دستاويزن موجب ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو گمس ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان الڳ الڳ پگهارون حاصل ڪندو رهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو ٻڌايو ته هو گمس ۾ ڪم ڪندو آهي، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج واري پگهار هاڻي بند آهي. ذريعن موجب ڄاڻايل ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ هلندڙ آهي اِن بعد ڪي ايم سي مان ڊاڪٽر جي پگهار بند ٿي آهي. ڊاڪٽر علي رضا ڪيريو گمس مان 3 لک 38 هزار ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ لک 45 هزار روپيا پگهار کڻندو رهيو. ذريعن موجب گمس ۾ هن وقت ۾ ڪجهه ٻيا ڊاڪٽرز به موجود آهن جيڪي هڪ ئي وقت ٻن هنڌن تان پگهارون کڻي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه ڊاڪٽرز اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس ملڻ کانپوءِ گمس کي الوداع ڪري ويا آهن. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر اصغر ڪيريو تازو ئي سي ايم ايچ مان ٽريننگ بعد جوائننگ ڪئي آهي. ماضي متعلق خبر ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صبح ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڊاڪٽر ٻئي هنڌ ڪم ڪن ٿا ته اسان جو اُنهن سان تعلق ناهي. سرڪاري ڊاڪٽرن کي اين او سي بعد ئي جوائننگ ڏني ويندي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے