welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي سرڪاري ملازمن پينشن ۾ ڪٽوتي جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، آفيسن ۽ تعليمي ادارن جي تالابندي، مظاهرا ڌرڻا، سي ايم هائوس جي گھيري جو چتاءُ

ڪراچي:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن حڪومت جو پينشن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ وارو فيصلو ۽ ٻين حڪومتي فيصلن کي رد ڪندي سموري سنڌ ۾ سرڪاري آفيسن ۽ آفيسن کي تالا لڳائي ڇڏيا رستن تي نڪري ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين سرڪاري ملازم هڪ زبان ٿي ويا. مختلف شهرن ۾ شاهراهون بند ڪري ٽريفڪ معطل ڪئي وئي. مليل اطلاعن موجب ملير ۾ ايمپلائيز الائينس جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي، اعجاز اعواڻ، عبدالرحيم ميمڻ منظور ميمڻ، نبي بخش شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن ملير پريس ڪلب آڏو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي ٺٽو شاهراھ بند ٿي وئي ، ان موقعي تي الائينس جي صدر حاجي اشرف خاصخيلي چيو ته سنڌ سرڪار پاران پينشن ۽ مختلف الائونس جي نالي ۾ ڪيل ڪٽوتي سان گريڊ ھڪ کان 22 جا سمورا ملازم متاثر ٿيا آھن، اڳ ۾ آخري بيسڪ تي 67 سيڪڙو جو فارمولا لڳائي انهي موجب گريجوئٽي ۽ پينشن ٺھندي هئي، هاڻ سرڪار 47 سيڪڙو آئوٽ ڪري رڳو 17 سيڪڙو بچايو آھي جيڪو عمل ملازمن جي معاشي قتل برابر آهي، هن چيو ته سنڌ جا 42 ادارن جا 6 لک کان وڌيڪ ملازم روڊن تي سراپا احتجاج آھن، اڄ سڄي سنڌ ۾ آفيسن ۽ اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي، هاڻ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺائي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمن پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ الائونس نه ملڻ خلاف اقبال پنهور، اشرف بوزئي، امجد لاشاري، علي احمد مڱڻ، شريف پالاري، عبداقيوم شيخ، واحد تنيو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هر دور ۾ سرڪاري ملازمن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته رهيل سمورا الائونس جاري ڪري پينش ۾ ڪٽوتي وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن ۾ ڦھليل بي چيني کي ختم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائر وسيع ڪري وزيراعليٰ هائوس جو گهيراءُ ڪبو. ٽنڊو محمد خان ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار ۾ ملازمن پاران آفيسن کي تالا هڻي ڌار ڌار ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٻانهن تي ڪاريو پٽي احتجاج ڪيا، مٺي سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي سرڪاري ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظامي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشميري چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ڊگري ڪاليج، گرلز هاءِ اسڪول، مين پرائمري اسڪول، گرلز ڪاليج سميت تعلقي جي سمورن اسڪولن ۾ استادن پاران تعليمي ادارا بند ڪري تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري اسڪولن کي تالا بندي ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو آهي. ٺٽو ۾ مختلف ملازم تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سمورن ملازمن پاران اسپتالن، صحت مرڪزن، اسڪولن، صحت کاتي سميت سمورين آفيسن ۾ تالا بندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال شروع ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جڏهن ته ان موقعي تي صحت کاتي ٺٽي جي ملازمن پاران ڊي ايچ او ھيلٿ آفيس مڪلي، سول اسپتال ٺٽو ۽ مختلف اسڪولن آڏو ڪيل احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن گھر ڪئي ته فوري طور تي پينشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪري ڊي آر اي الائونس ۽ گروپ انشورنس ڏيئي ملازم دشمن قانون ختم ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن پرامن احتجاج جاري رھندو. دادو ۾ سوين پرائمري، سيڪنڊري ميل، فيميل اسڪولن جي تالابندي ڪري تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو، ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ ٽوڪن هڙتال ڪئي، روينيو کاتي جي ملازمن ڊي سي آفيس، مختيار ڪار آفيس جي تالابندي ڪئي، پرائمري مين اسڪول کان ڪچهري روڊ تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، راڄوخاناڻي ۾ بوائز ھاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، مين بوائز پرائمري اسڪول گرلز پرائمري اسڪول ، شيدي محله پرائمري اسڪول ، رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي سميت سمورن سرڪاري ادارن ۾ تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو، ٿاڻو بولا خان ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن پاران اسڪولن، سرڪاري آفيسن ۽ تعلقه اسپتال جي ڪيترين ئي آفيسن جي تالا بندي ڪئي وئي، سيوهڻ تعلقي ۾ به اڄ سمورن اسڪولن ۾ تدريسي عمل سان گڏ آفيسن جي ڪار ونھوار جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙيءَ ۾ به استادن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ روينيو ملازمن طرفان اسڪولن ۽ روينيو آفيسن جي تالا بندي ڪري ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. ٽالهي سموري سنڌ جيان ٽالهي ۾ سنڌ به امپلائيز الائنس جي سڏ تي پ ٽ الف گسٽا ۽ ٻين تنظيمن پاران پينشن ۾ گهٽتائي، ڊي آر اي، گروپ انشوئرنس، ۽ بينيئول فنڊ رٽائرمينٽ تي نه ملڻ خلاف اسڪولن کي تالا لڳائي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، راڌڻ ۾ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول، گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول سميت سمورا تعليمي ادارن جي استادن ء عملي طرفان احتجاج ڪيو ويو، بڪيراشريف ۾ ننڍن وڏن اسڪولن کي تالا بندي ڪندي ڪاريون پٽيون ٻڌي تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ھالا ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن کي تالا ھڻي مخدوم غلام حيدر ھاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي مين درگاھ روڊ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڀٽ شاهه ۾ هائي اسڪول جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري اسڪولن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ تعلقي جي مختلف شھرن ٿرڙي محبت ، راڌڻ ، نئون ڳوٺ، سنڌي ٻٽڙا ، شاه پنجو ، قاضي عارف ، گاھي مھيسر ، فريدآباد ، سوجھرو ڳورڙ ۽ ٻين علائقن جي ننڍن وڏن شھرن جي سمورن اسڪولن جي ڪلاسن ۽ آفيسن کي تالابندي ڪري اسڪول آيل ٻارن کي واپس ڪيو ويو، عثمان شاھ ھڙي ۾ گورنمنٽ پرائمري بوائيز اسڪول ۾ استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اسڪول کي تالا ھڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، خيرپور ناٿن شاھ تعلقي ۾ به سوين اسڪولن ۽ آفيسن کي تالا بندي ڪري تالا ھڻي ڇڏيا،اسڪولن جي گيٽ اڳيان استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا ڪيا، کيبر ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن آفيسن کي تالا اسٽاف طرفان ٻانهن ۾ ڪاريو پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، اڏيرو لال اسٽيشن ۾پ ٽ الف پاران اسڪولن جي تالا بندي ڪري تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ٽنڊو رحيم خان ۾ ملازمن سرڪاري اسڪول بند، آفيسن کي تالا هڻي احتجاج ڪيو، ڦلجي اسٽيشن ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول، بوائز ڪئمپس اسڪول سميت سمورا سرڪاري ادارا بند ڪري احتجاج ڪيو ويو، سيتاروڊ ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول،بوائز ڪئمپس اسڪول، پرائمري اسڪولن سميت سمورا سرڪاري ادارا بند رهيا، تلهار ۾ سرڪاري ملازمن پرائمري اسڪولن ۽ رورل هيلٿ سينٽر بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سنڌ سرڪار خلاف بعريبازي ڪئي، جھوڪ شريف ۾ اسڪولن جي تالا بندي ۽ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ بعد مظاهرو ڪيو ويو، ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي سرڪاري اسڪولن جي استادن طرفان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري شاگردن کي موڪل ڏئي تالا هڻي ڪلاس وٺڻ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي، جاتي ۾گورنمينٽ ڪئمپس هائير سيڪنڊري اسڪول استادن ۽ عملي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي، گولاڙچي جي سمورن اسڪولن جي تالا بندي ڪري گولاڙچي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گھوڙاٻاري اندر به اسڪولن آفيسن جي ملازمن پاران تالابندي ڪري احتجاج ڪيو، بدين جي سمورن سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊپٽي ڪمشنرآفيس اڳيان ڌرڻو ھڻڻ بعد ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ بدين تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾ به استاد تنظيمن پاران اسڪولن کي تالا بندي ڪري ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ٻيلو شهر ۾ به ڪيمپس هاءِ اسڪول، يوسي ٻيلو مراد پور کيرال جي هاءِ ‘ مڊل ۽ پرائمري اسڪولن ۾ اسڪولن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ ۾ سرڪاري ملازمن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو، ٽنڊوباگو ۾ استادن جي تنظيمن گسٽا، پ ٽ الف ۽ سنڌ پروفيسر ايسوسيئيشن جي استادن جي وڏي تعداد اسڪولن جي تالا بندي ڪري، تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري مين پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي، جنگشاهي ۾ تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن جي ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪندي اسڪولن جي تالا بندي ڪري سخت احتجاج ڪيو. پنگريو ۾استادن بائيڪاٽ ڪري آفيسن ۽ڪلاسن کي تالا بندي ڪئي، جڏھن ته شاگرد ٿيلھن ڪتابن سميت گرائونڊ تي دربدر ٿيندا رھيا تالا بندي سبب تدريسي عمل مڪمل بند ٿي ويو، سجاول ۾ سرڪاري ملازم روڊن تي نڪري آيا. احتجاج سبب سرڪاري آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ تالا بندي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ آفيسن ۽ تدريس جو نظام مڪمل بند رھيو. مظاھرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ عوامي خدمت ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي جائز حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. بھرام ۾ استادن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاء سڀني اسڪولن کي تالا بندي ڪري ڇڏي، پرائمري اسڪول . گرلز هاءِ اسڪول ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪولن کي تالا ھنيا ويا. بھرام، بٺي، غلام علي مگسي، مبارڪ ڪلھوڙو، درگاھ حاڪم علي شاھ. ڀرمي . ڪارڙا سميت اسڪولن کي تالا بندي ڪري ايل شاگرد شاگردياڻيون کي اسڪولن کان واپس ڪيو ويو، عمرڪوٽ جي اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن کي تالا لڳائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪلوئي جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ارباب اميرحسن ڪلوئي پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. اسلام ڪوٽ ۾ گسٽا پاران تعلقي اسلامڪوٽ جي سڀني ايليمينٽري اسڪولن. سيڪنڊري اسڪولن ۽ هائير سيڪنڊري ۾ مڪمل تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويئي تدرستي ڪم جو موڪل طور تي بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪنري تعلقي جي سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرا ڪري نعريبازي ڪئي، تعلقي جي سمورن سرڪاري اسڪولن، روينيو، صحت ۽ ٻين ادارن جي مطالبن پاران ھڙتال ڪئي وئي، ڳڙھي ياسين ۾ آپڪا پاران ڪم ڇڏ ھڙتال آفيسن جي تالا بندي ڪري عنايت الله ميمڻ ۔ محمد افضل ڀٽي ، محمد نواز سٻايو ، محمد مبين راجپوت، بقاء ﷲ انڙ، محمود علي ڀٽو، راجا خان جکرو ۽ عبدالوحيد مغل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. قبو سعيد خان ۾مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن مڪمل طور ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي. غوثپور اسڪولن جي تالا بندي ڪري سيد سليم شاھ جيلاني غلام رباني ملڪ سيد امتياز شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ تعليمي ادارن سميت سرڪاري کاتن جي ملازمن طرفان پينشن اصلاحات جي ڪاري قانون، ڊي آر اي الائونس نه ملڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ تعليمي ادارن ۽ سرڪاري ادارن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ سپلا، آپڪا، گسٽا ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ استادن احتجاج ڪيو، شڪارپور ۾ سرڪار يملازمن ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آفيسن ۽ اسڪولن جي تالا بندي ڪري مڪمل هڙتال ڪئي، سکر ۾ سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن جي سڏ تي سمورين سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن جي تالا بندي ڪري معصوم شاهه ميناري کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ويو ويو. خيرپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي مختلف اسڪولن جي انتظاميا اسڪولن ۾ آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي واپس روانو ڪري ڇڏيو، گمبٽ ۾ آل ايمپلائيز سنڌ پاران ارشد علي آرائين، استاد علي حسن منگي، سيد فياض حسين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، بوزدار وڏا ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا جي استادن سميت سموري اسٽاف پاران تدريسي ۽ غير تدريسي عملي ڪاريون پٽيون ٻڌي اسڪول جي مين گيٽ جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مهراڻ يونيورسٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ۾ به ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سڳيون ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي گسٽا ڊويزنل مالياتي سيڪريٽري غلام شبير ڀاڳت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ سمورن سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڦل ۾ الطاف حسين ميمڻ، عبدالقيوم ڪيريو، عبدالقدوس ڦل، غلام محمد راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تالا بندي ڪري پينشن ريفارمز خلاف احتجاج ڪيو، جمال شاھ ۾ غلام مصطفيٰ خاصخيلي، ملھار خان جوکيو، رمضان جوکيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، گپچاڻي ۾ گسٽا تعلقي دوڙ جي صدر سڪندر رند، بخشڻ گپچاڻي، اسد الله شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پڊعيدن ۾ غلام علي آريجو، علي اڪبر سيال، ممتاز جويو، منان راجپوت، نثار سيال، عرفان جويو ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو، کھڙا ۾ محمد حنيف لاشاري، استاد دائم علي سهتو، استاد امير علي گلال، استاد انعام علي جاگيراڻي، عبدالجبار عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺري ميرواھ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي سمورن ادارن جي تالا بندي رھي، قمبر ۾استادن قمبر جي سمورن سرڪاري هاء اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي تالا بندي ڪري تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي پيرا ميڊيڪل ملازمن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميروخان ۾ گواز اڳواڻن اياز حسين چانڊيو، علي اسدالله چانڊيو، گسٽا تعلقي صدر محمد يونس چانڊيو، جنرل سيڪريٽري ڪيهر خان مگسي، عنايت بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول علامه غلام مصطفي قاسمي ،گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ٺارو وڌو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀنڀو خان چانڊيو ، ھاءِ اسڪول بھرام سميت تعلقي جي سمورن هاير سيڪنڊري اسڪولن جي تالابندي ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ پ ٽ الف گسٽا جي سڏ تي تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، اڪثر اسڪولن کي تالا هنيا ويا، شاگرد واپس روانا ٿي ويا. رستم ۽ ڀرپاسي واري ڳوٺن کبڙي ڳوٺ ٻورڙي سيٺار ٽنڊو علي شير ۽ ٻين ڳوٺن ۾ قائم اسڪولن ۾ ڪلاسن ۽ آفيسن کي تالا ھڻي استادن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مدئجي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري تالابندي ڪئي وئي ، بوائز هاء اسڪول، گرلس اسڪول سميت ڳاهيجا، مرزاپور توربند ، ڳوٺ سهتا ۽ ڳوٺ فقيرپور بروهي جي اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ماستر اشفاق ڀٽو، هزار خان بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج به ٿيو. گاجي کھاوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي ماسترن غلام مصطفي چانڊيو ايف اي اسلم سيھڙ اسلم شيخ سليم سومرو بقاء الله جلباڻي طارق حسين چنه عنايت اللـ جلباڻي ء سموري اسٽاف سميت اسڪول جي تالا بندي ڪري احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، خانپور ۾ سرڪاري ادارن جي ملازمن جو سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن حافظ محمد سليم آرائين ڊاڪٽر جھانگير سومرو ڊاڪٽر سجاد مصطفي سيٺار سيف الرحمن آرائين ھدايت الله سيٺار منظور بروھي محمد نواز ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو، جيڪب آباد ۾ آپڪا، روينيو، گسٽا پ ٽ الف سميت مختلف کاتن جي ملازمن پاران آفيسن ۽ اسڪولن ۾ تالابندي ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. نصير آباد ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي مرڪزي سڏ تي پ ٽ الف گسٽا روينيو ڊپارٽمينٽ پيراميڊيڪل اسٽاف سميت ٻين سرڪاري ملازمن جي تنظيمن پاران سنڌ حڪومت جي ملازم دشمن پاليسين خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا پ ٽ الف تعلقا نصيرآباد پاران صدر احمدعلي واھوچو جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب بروھي انور ڪانڌڙو عبدالحق ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ مين پرائمري اسڪول کان ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو. ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ملازمن پيراميڊيڪل اسٽاف جي چيئرمين ضلع قمبر خدابخش سانگھرو محمدقاسم ڇٽو لياقت چانڊيو ۽ حفيظا ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري رورل ھيلٿ سينٽر کان تعلقا پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويو. روينيو کاتي جي ملازمن پاران رئيس نظيراحمد چانڊيو نادر ڪلھوڙو رئيس خليق احمدچانڊيو آصف ڪانڌڙو دين محمد سومرو جي شابراڻي جي اڳواڻي ۾ ٻانھن تي ڪاريون پٽي ٻٽي مختيارڪار آفيس کي تالا ھڻي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، ميان صاحب ۾ به سرڪاري ملازمن طرفان ادارن جي تالا بندي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. استادن پاران اسڪول ۽ صحت مرڪز کي تالا بندي ڪئي وئي، ميرپورخاص ۾ استادن سميت ٻين سرڪاري کاتن جي ملازمن اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو ، احتجاج سبب ضلعي جي پرائمري ، سيڪنڊري اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو استادن بائيڪاٽ ڪيو ، جڏهن ت تعليم کاتي ، زراعت کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيسن جي به تالابندي ڪري گل حسن لاشاري ، اعظم هزاروي ، محمد شريف ، مظهر عباسي ، مرتضا ارباب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنڌڙي تعلقي جي سيڪنڊري اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي، استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڏيپلي ۾ ارباب ذوالفقار ،محمد عمر بجير ،فاروق مريداڻي، جان محمد جوڻيجو ، عبدالخالق نھڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. نئون ڪوٽ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول فقير سليمان چانڊيو، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول نئونڪوٽ سميت تعلقي جھڏو جي سمورن گورنمينٽ پرائمري ۽گرلس اسڪولن جي استادن ممتاز اوٺو، عبدالرزاق خاصخيلي گلاب ڀيل، استاد موسيٰ احمداڻي، لياقت علي خان قائمخاني، اشوڪ ڪمار، بابر محمود قائمخاني سميت ٻين استادن ۽ عملي اسڪول ٻاهران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي، اسڪولن جي تالا بندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي. ننگرپارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائيرسيڪنڊري اسڪول ۽ ڊاڪٽرن ۽ ينگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن پاران به اسڪولن ۽ اسپتال جي تالا بندي ڪري گسٽا اڳواڻ سڪندر خان کوسو ۽ عنايت دل جي اڳواڻي ۾ پڻ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، نبي سرروڊ ۾ پ ٽ الف، گسٽا سميت ٻين سرڪاري ملازمن پاران پينشن ۾ ڪٽوتي، ڊي آر اي جو نه ملڻ، رٽائرڊمينٽ سميت ٻين حڪومتي فيصلن خلاف اسڪولن ۽ آفيسن جي تالا بندي ڪري ٻانهن ۾ ڪاريون پٽي ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ اعظم عالماڻي ۽ سيد ظفر علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊوآدم ۾ فضل الله عمراڻي، لکاڏنو خاصخيلي، ڊاڪٽر بشير احمد خاصخيلي، صفر ساند، ڊاڪٽر قذافي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ آل سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي مڪمل تالا بندي رهي، اسڪولن سميت ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ عملو به نه پھتو، ٻانڌي ۾ استاد اشرف علي، دائم خان کوکر، عبدالخالق جمالي، عبدالحفيظ ملڪ، خدابخش چانڊيو ۽ ٻين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ، منھڙو ۾ اسڪولن ۾ تدريسي عمل بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، دوڙ ۾ استادن احتجاج ڪندي اسڪولن کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو، کڏڙو ۾ استادن اسڪول بند ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڄام نوازعلي ۾ استادن اسڪولن کي بند ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو، ٽنڊو مير علي ۾ ڊاڪٽر بخت حسين ويسر، رياض احمد لغاري، جاويد احمد چاڪراڻي، عبدالرحمان جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۾ يار محمد سميجو، خالد حسين ڏهر، ظفر حيات شر، عبدالرشيد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ھنڱورجا ۾ سليمان ميمڻ، اصغر ڀنڀرو، مور سنڌي، عبدالمقيم ميمڻ ۽ حافظ عبدالسلام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، فيض گنج ۾ لياقت خاصخيلي، غفور چانگ، امير چانگ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺاروشاهه ۾ غلام قادر سومرو، عبدالغفور اڄڻ، راجا فيصل سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاهپورچاڪر ۾ ذوالفقار عمراڻي، اختر ڌامراهه، عبدالحميد ڏاهري، راجا سليم انڙ، نورل ڳاهو ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي، سٺ ميل ۾ محمود اياز ڏھراج، عبدالرحيم رند، وزير حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سڪرنڊ ۾ ڌڻي بخش ملاح، عرض محمد چانڊيو، ظفر علي کوکر، نياز لاشاري ۽ ٻين احتجاجي مظآهرو ڪيو، پني عاقل ۾ عاشق حسين چاچڙ، مظھر ميتلو، ماجد چاچڙ، زاھد حسين مھر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، نوابشاهه ۾ ولي محمد کوسو، امدا د خاصخيلي، مولاداد ڳاھو، علي اصغر ڏاھري، نور محمد راجپوت ۽ ٻين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مٺياڻي ۾ الطاف حسين چانڊيو، محمد افضل سومرو، صدام سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اِن موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ اندر مهانگائي جي حساب سان 70 سيڪڙو ڊي آر اي الائونس ڏنو پيو وڃي. سنڌ صوبي جي ملازمن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت پينشن پاليسي ۾ ترميم ڪري سرڪاري ملازمن جو معائشي قتل ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه پئي ڏني وڃي. سنڌ حڪومت پاران ملازمن جي معاشي قتل خلاف پهرين مرحلي ۾ تالا بندي ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته پهرين سيپٽمبر تي سکر ڊويزن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ٻئين مرحلي ۾ لاڙڪاڻو ۽ اِن بعد ٻين ڊويزنن ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے