پشاور:(اڱارو 26 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخوا جي اسيمبلي ميمبر سليم سواتي 25 مخصوص سيٽن جي ميمبرن جي گورنر سامهون حلف برداري کي غير آئيني قرار ڏيندي ٻيهر حلف کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، پر اپوزيشن ميمبر ٻيهر حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ورتو. ڪي پي اسيمبلي جي 25 مخصوص سيٽن تي حلف کڻڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، اسپيڪر بابر سليم سواتي گورنر جي سامهون ميمبرن کان ورتل حلف کي غيرآئيني قرار ڏيندي ڪالهه ٻيهر حلف کڻڻ جون هدايتون ڪيون هيون. جنهن تي اپوزيشن اسپيڪر جي هدايت کي رد ڪندي ٻيهر حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، اپوزيشن ذريعن موجب مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله جي صدارت هيٺ اسيمبلي اجلاس کان اڳ اپوزيشن پارٽين جو هنگامي اجلاس سڏايو ويو، اپوزيشن جو موقف آهي ته 25 ميمبرن 20 جولاءِ تي حلف کنيو هو ان لاءِ ٻيهر حلف کڻڻ جي ضرورت ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language