اسلام آباد:(خميس 12 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ اسلام آباد کان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي شامل آهن.
وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابو ظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي، جتي هو يو اي اي جي قيادت سان ملاقات ڪندو.
ان کان علاوه، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 17 کان 19 جون تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس فلسطين جي مسئلي جي پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل تي ڌيان ڏيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language