صنعا:(اربع 28 مئي 2025ع)اسرائيل صنعا ايئرپورٽ تي حج لاءِ ويندڙ يمني مسافر جهاز کي نشانو بڻايو آهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايئرپورٽ چيف چيو ته اسرائيلي جهازن اڄ صبح صنعا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چار هوائي حملا ڪيا، جن ۾ رن وي ۽ يمني ايئر لائن جي هڪ جهاز کي نشانو بڻايو ويو.
ايئرپورٽ ڊائريڪٽر خالد الشيف ايڪس تي لکيو ته "اسرائيل صنعا ايئرپورٽ تي يمني ايئر لائنز جي آخري ڪم ڪندڙ جهاز کي نشانو بڻايو ۽ تباهه ڪيو."
فلائيٽ ڊيٽا موجب، نشانو بڻايل جهاز هڪ ايئربس A320-233 هو جيڪو اردن جي گادي واري هنڌ عمان کان آيو هو. اهو صبح 9:10 تي صنعا ۾ لينڊ ڪيو.
الجزيره جي رپورٽ موجب، جهاز کي حج لاءِ سعودي شهر جده ڏانهن اڏامڻو هو. جمعي تي، ايئرپورٽ اعلان ڪيو ته هو حاجين کي منتقل ڪرڻ لاءِ نو ڏينهن تائين جده ڏانهن ٻه پروازون هلائيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language