welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر ۾ اي آءِ تي ٻڌل ڪسٽمز ڪليئرنس سسٽم متعارف

اسلام آباد:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف ي آر) ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻڌل ڪسٽمز ڪليئرنس سسٽم متعارف ڪرايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي جاري اصلاحات تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطاءُالله تارڙ، چيئرمين ايف بي آر ۽ لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿيون. اجلاس ۾ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ ٽيڪس وصويل وڌائڻ جي لاءِ وڊيو ايناليٽڪس قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته انهي نظام سان ٽيڪس جي وصولي خودڪار ۽ شفاف انداز سان ٿي سگهندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انهي نظام سان حڪومتي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، ٽيڪس نه ڏيندڙ انساني مداخلت کان سواءِ پنهنجو ٽيڪس ادا ڪري سگهندا. اهو نظام لاڳت ۾ گهٽ ۽ شروعاتي ٽيسٽنگ جي دوران 90 سيڪڙو ايفيشينٽ نظر آيو. انهي موقعي تي وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي اصلاحات حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. ٽيڪس نظام کي خودگار بنائڻ سان انهي ۾ شفافيت ايندي جڏهن ته انهي کي وڌيڪ بهتر بنائي رهيا آهيون. شهباز شريف چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام سان ڪاروبار ۾ آساني ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت هوندي. انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ سبب نظام موثر ٿيندو. وقت ۽ پئسن جي بچت ٿيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے