
ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي، ڪراچي ۾ 40 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ، سنڌ جي رپورٽ ۾ مالي سال 2023-24 ۾ 40 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو مبينا ڪرپشن جو نوٽيس ورتو ۽ مبينا بي ضابطگين جي جاچ ڪميٽي ٺاهي.
صحت واري سيڪريٽري مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري صحت شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي 15 ڏينهن اندر انڪوائري رپورٽ پيش ڪندي.
ٻئي طرف، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي ترجمان موجب، آڊٽ رپورٽون معمول جي جائزي جو حصو آهن ۽ آڊيٽر جنرل جون مشاهداتي رپورٽون هر سرڪاري اداري جو لازمي حصو آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته رپورٽون اداري جي مالي معاملن ۾ شفافيت وڌائڻ لاءِ مرتب ڪيون ويون آهن، مشاهداتي نتيجن کي آخري ڪرپشن قرار ڏيڻ وقت کان اڳ، گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقت جي برعڪس آهي.
ترجمان چيو ته جاچ ۽ ڪارروائي کانسواءِ آڊٽ جي نتيجن کي مالي بدعنواني طور پيش ڪرڻ غير ذميواراڻو عمل آهي. آڊٽ رپورٽ 2023-24 ۾ 2017-18 ۽ ٻين گذريل سالن جي مقررين سان لاڳاپيل نتيجا شامل هئا، ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نومبر 2023 ۾ عهدو سنڀاليو.
ترجمان موجب، اهڙا ڪيترائي نتيجا آهن جيڪي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مدت کان اڳ جا آهن. اسان سڀني نتيجن جو جواب ذميواراڻي انداز ۾ جمع ڪرائينداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language