welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: پنهنجي ئي گهر ۾ ڦرلٽ ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي هڪ مقامي عدالت جوابدار کي سزا ٻڌائي جنهن پنهنجي خاندان جي ميمبرن کي يرغمال بڻائي ڦر ڪيو هو. ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غريبي يرغمال بڻائي ڦر جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت جوابدار ذاڪر احمد کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. پراسيڪيوشن موجب، جوابدار 2022 ۾ ڦر ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس ڊاڪس پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو. پراسيڪيوشن چيو ته شاهدن سڃاڻپ پريڊ دوران جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے