welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آرٽيڪل 62، 63 آمريت جون نشانيون آهن، غلط بياني تي وزيراعظم نااهل ٿي سگهي ٿو ته ايوان کي تماشو بنائيندڙ ڇو نه؟: اسپيڪر پنجاب اسيمبلي

لاھور:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته آرٽيڪل 62، 63 آمريت جون نشانيون آهن، غلط بياني تي وزيراعظم کي نااهل ڪري سگهجي ٿو ته ايوان کي تماشو بنائيندن کي ڇو نٿو ڪري سگهجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه کي نوٽيس اماڻيا، اپوزيشن اڳواڻ سوال اٿاريو ته مان ريفرنس اماڻي سگهون ٿو يا نه، منهنجو رولنگ جي خلاف تمام گهڻو ڪجهه چيو ويو، انهي سان گڏ گهڻو ڪجهه لکيو به ويو. هن چيو ته بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، گوڙ کان علاوه ناڻي واري وزير تي حملو به ڪيو ويو، ايوان ۾ احتجاج جون ڪجهه حدون هجڻ گهرجن يا نه، انهي ڳالهه کي نٿو مڃان ته ايوان جي قائد يا مخالف ڌر جي اڳواڻ کي تقرير نه ڪرڻ ڏني وڃي، منهنجو ڪيس ته پنجاب جي 12 ڪروڙ ماڻهن جي حق جو آهي. اسپيڪر چيو ته مون کي ڪيترن ئي ميمبرن چيو ته 63، 62 موجب فيصلو ڪيو، پر مان قلم 62. 63 جي خلاف آهيان، آرٽيڪل 63، 62 آمريت جون نشانيون آهن ۽ انهي کي جمهوريت جي خلاف استعمال ڪيو ويو، مان پنهنجي آئيني اختيارن کان هڪ انچ به اڳيان نه وڌندس، ٻئي صورت اها هئي ته آرٽيڪل 148 جي تحت فيصلو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 63، 62 ۾ نوازشريف جي نااهلي تي پي ٽي آءِ اسپيڪرن جي اختيارن جي حمايت ڪئي هئي، جسٽس آصف سعيد کوسه اسپيڪر کي اهو اختيار ڏنو ته اهو سيٽ کي خالي قرار ڏئي، جيڪڏهن وزيراعظم کي غلط بياني تي نااهل ڪري سگهجي ٿو ته ايوان کي تماشو ٺاهيندڙن کي ڇو نه؟ ڇا اهڙن ماڻهن جو دماغ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي منهنجي ريفرنس تي اعتراض اٿاري رهيا آهن. ملڪ احمد جو چوڻ هو ته پارلياماني پارٽي ويهي ڳالهيون نه ڪندي ته 63 جو فيصلو سامهون اچي ويندو، اپوزيشن جي خلاف ريفرنس جو فيصلو ڪرڻ ۾ اڃان 26 کان 27 ڏينهن باقي آهن. 26 ميمبرن جي معطلي جا حڪم حڪومتي ميمبرن جي درخواست تي جاري ڪيا ويا آهن. اسپيڪر چيو ته پي ٽي آءِ جي سموري جمهوريت(ن) جي خلاف آهي، مون کي پنهنجي حقن جي پاسداري لاءِ ميمبرن 63 ٽو جي لاءِ درخواستون ڏنيون. مان ڪنهن جي خلاف نه آهيان، اسيمبلي جي حرمت جي حفاظت ڪري رهيو آهيان، مان سياسي ماڻهو آهيان، منهنجي بنياد ڪنهن جي نااهلي تي بيٺل نه آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے