welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪينيا ۾ جمهوريت نواز مارچ جي 35 سالگرهه جي موقعي تي احتجاج

نيروبي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ڪينيا ۾ تاريخي جمهوريت نواز مارچ جي 35 هين سالگرهه جي موقعي تي احتجاج ڪيا ويا، نيروبي ۾ به ماڻهو احتجاج لاءِ گڏ ٿيا. پوليس گادي واري هنڌ ۾ گڏ ٿيندڙ مظاهرين تي لاٺي چارج ڪيو، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ، آنسو گيس جا شيل ۽ پاڻي جون توپون استعمال ڪيون ويون. پوليس تشدد ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. احتجاج کي نظر ۾ رکندي نيروبي ۾ پارليامينٽ، سرڪاري عمارتن ۽ اهم شاهراهن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ڪينيا جي ماڻهن 7 جولاءِ 1990 تي ڪثير جماعتي جمهوريت جو مطالبو ڪندي مارچ ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے