واشنگٽن:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن پهچي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڄ وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ غزه جنگ بندي تي بحث ڪيو ويندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ملاقات دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي به بحث ڪندا.
ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ، اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا ۾ اسرائيلي سفير ۽ نيويارڪ ۾ اسرائيلي قونصل جنرل سان واشنگٽن ڊي سي کان ٻاهر جوائنٽ بيس اينڊريوز ۾ ملاقات ڪئي.
نيتن ياهو اڄ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف سان ملاقات ڪندو.
ٻئي طرف، اڄ غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ 13 فلسطيني شهيد ٿيا. غزه ۾ اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اڄ محاصره ٿيل علائقي ۾ اسرائيلي حملن ۾ لڳ ڀڳ 13 ماڻهو مارجي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language