welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

تل ابيب ۾ حڪومت مخالف وڏو مظاهرو، نيتن ياهو خلاف نعريبازي، کيس آمر قرار ڏنو ويو

تل ابیب:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)تل ابيب ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي حڪومت خلاف هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين نتنياهو خلاف نعرا هنيا، غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو، هزارين مظاهرين نتنياهو کي آمر قرار ڏنو، ۽ غزه مان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ ۾ ناڪامي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. مظاهرين چيو ته نتنياهو اقتدار ۾ رهڻ لاءِ ماڻهن جون جانيون کسي رهيو آهي، غزه ۾ بيگناهه ماڻهو مري رهيا آهن، يرغمال خطري ۾ آهن، ڪنهن کي به پرواهه ناهي، نتنياهو ڪيسن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے