ماسڪو:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)روس جي ٽرانس بائيڪل علائقي ۾ هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ مقامي اسپتال جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 10 هو، جن مان ٻن جي حالت نازڪ هئي ۽ اٺ کي معمولي زخم آيا هئا.
مقامي ايمرجنسي سروسز اڳ ۾ رپورٽ ڪئي هئي ته 6 جولاءِ تي روس جي چيتا ضلعي ۾ هڪ جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ کان 16 منٽن بعد ڪري تباهه ٿي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language