welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اين آءِ سي وي ڊي اسڪينڊل جي جاچ اينٽي ڪرپشن حوالي: 5 اهم عملدار ريڪارڊ سميت طلب

ڪراچي:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)اين آءِ سي وي ڊي ڪرپشن اسڪينڊل، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي نوٽيس ۽ ڪارروائي جي سفارشن کانپوءِ ڪرپشن،غيرقانوني ڀرتين ۽ فنڊن جي غلط استعمال سميت سامان جي خريداري ۾ هيراڦيري وارو معاملو اينٽي ڪرپشن وٽ پهچي ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي دل جي وڏي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا ڪرپشن، دوائن ۽ سرجيڪل سامان جي خريداري توڙي غيرقانوني ڀرتين ۽ ٻين مالي بيضابطگين واري معاملي ۾ ملوث آفيسرن جو گھيرو تنگ ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ڄاڻايل معاملي جي جاچ شروع ڪندي ايڊمنسٽريٽر مصطفيٰ حسن، مينيجر ڪارپوريٽ افيئرز خورشيد حيدر، ايڇ آر انچارج داور حسين، چيف فنانشل آفيسر فيصل عبدالستار ۽ انٽرنل آڊٽ جي سربراھ محمد فيصل کي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪيو آهي، اينٽي ڪرپشن پاران اين آءِ سي وي ڊي جي سربراھه ڊاڪٽر طاهر صغير کي پابند بڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن جي اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري ٽيم وٽ رڪارڊ سميت پيشي يقيني بڻائي وڃي، واضح رهي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪروڙين رپين جي مالي بي ضابطگين توڙي غيرقانوني ڀرتين ۽ ٻين معاملن تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل خدشن جو اظهار ڪندي وڏي وزير سيد مراد شاھ ۽ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي خط لکيا هئا، جنهن بعد صحت کاتي ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي هيٺ ڪاميٽي جوڙي انڪوائري ڪرائي هئي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران صحت کاتي جي انهي جاچ تي به اعتراض واريا ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے