welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي : 12 ڊي ايس پيز کان وقتي ايس پي جي چارج واپس: عمير طارق باجاري برقرار

ڪراچي:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ 12 ڊي ايس پيز کان وقتي ايس پي جي چارج واپس، جاويد عالم اوڍو جي ويجهي عزيز کان به چارج واپس ٿي وئي، بااثر ڊي ايس پي عمير طارق باجاري وقتي ايس پي جي عهدي تي برقرار، ڪالهه ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي 12 ڊي ايس پيز کان ايس پي جي وقتي چارجز واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب اي ايس پي ماجده پروين کان ايس پي انويسٽيگيشن اوڀر جي چارج واپس ورتي وئي، ساڳئي ريت احمد اقبال ميمڻ کان ايس پي گلشن، ذوالفقار حيدر جعفري کان ايس پي گڏاپ، فائزه سوڍر کان ايس پي لانڍي، مسرور جتوئيءَ کان ايس پي منگهوپير، سلمان وحيد کان ايس پي نيو ڪراچي، نعيم احمد چاچڙ کان ايس پي صدر، عمران جاگيراڻي کان ايس پي ڪلفٽن، قيصر علي شاهه کان ايس پي سٽي، محمد نواز کان ايس پي ڪياماڙي، آصف منور کان ايس پي لياري ۽ زين رضا بلوچ کان ايس پي سائيٽ جي وقتي چارج واپس ورتي وئي. پوليس ذريعن موجب وقتي ايس پي جي چارج واپس ڪندڙن ۾ ڪراچي پوليس چيف جو ويجهو عزيز به شامل آهي، انهي جي ابتڙ بااثر سمجهيو ويندڙ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کان ايس پي جمشيد ڪوارٽر جي چارج واپس ورتي ناهي وئي. عمير طارق باجاري وقتي ايس پي جي عهدي تي برقرار آهي. واضح رهي ته جونيئر آفيسرن کي وقتي ايس پي مقرر ڪرڻ خلاف شهري عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊي ايس پيز کان وقتي ايس پيز جي چارج واپس ورتي، ڪشمور کانپوءِ نوشهري فيروز جو ايس ايس پي بشير بروهي به گهر ڀيڙو ڪراچي: سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جون بدليون، ان ڏس ۾ ڪشمور کانپوءِ نوشهري فيروز جي ايس ايس پي بشير بروهي کي هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته اي آءِ جي آپريشنز روحل کوسو کي ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو، هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي (آپريشنز) شرجيل کرل کي ايڊيشنل آءِ جي (انويسٽيگيشن) سنڌ جي وقتي چارج ڏني وئي. ٻئي طرف اي آءِ جي اسٽيٽ مينيجمينٽ توحيد رحمان موڪل تي پرڏيهه روانو ٿي ويو، جنهن بعد عمران قريشي کي اي آءِ جي اسٽيٽ مينيجمينٽ جي وقتي چارج ڏني وئي. نوٽيفيڪشن موجب اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ون زبير نظير شيخ کي اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ٽو جي وقتي چارج سونپي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے