welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عدالتي اسٽي جاري ٿيڻ تائين پاڻمرادو فيصلي تي عمل روڪي نٿو سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ڪنهن به اپيل، نظرثاني يا آئيني درخواست جي التوا هجڻ سان عدالتي فيصلي تي عملدرآمد پاڻمرادو نه ٿو رڪجي، جيستائين ڪو واضح اسٽي آرڊر موجود نه هجي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران لکيل چئن صفحن تي مشتمل فيصلو جاري ڪيو ويو، فيصلي ۾ رمانڊ آرڊرن تي عملدرآمد ۾ دير کي غيرآئيني قرار ڏنو ويو. عدالت لاڳاپيل ادارن کي فوري پاليسي هدايتون جاري ڪرڻ ۽ سڀني التوا هيٺ رمانڊ ڪيسن جي رپورٽ ٽن مهينن اندر رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. بهاولپور جي زمين بابت تڪرار 2010ع ۾ شروع ٿيو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ 2015ع ۾ معاملو روينيو اختيارين ڏانهن رمانڊ ڪيو هو ته جيئن اهي قانون مطابق ٻيهر فيصلو ڪن. البته هڪ ڏهاڪو گذرڻ باوجود ڊپٽي لينڊ ڪمشنر پاران ان تي ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي. مامرو سپريم ڪورٽ ۾ پهتو، جتي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ۽ چئن صفحن تي مشتمل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت واضح ڪيو ته رڳو ڪنهن اپيل يا نظرثاني جي موجودگي سان فيصلي جي عملداري نه ٿي رڪجي، جيستائين باقاعده اسٽي آرڊر موجود نه هجي. عدالت روينيو اختيارين جي خاموشيءَ کي عدالتي حڪمن جي توهين قرار ڏنو ۽ چيف لينڊ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل سمورن عملدارن لاءِ فوري گائيڊ لائينز جاري ڪئي وڃي ۽ سڀ التوا هيٺ رمانڊ ڪيسن جي رپورٽ ٽن مهينن ۾ عدالت ۾ کي فراهم ڪئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے