welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گئس جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ سرچارج ۽ 10 رپين تائين پيٽروليم ليوي لڳائڻ جون تياريون

اسلام آباد:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)آءِ ايم ايف حڪومت کان گئس جي گردشي قرضن کي ختم ڪرڻ لاءِ مڪمل پلان طلب ڪري ورتو. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن مطابق گئس شعبي جو گردشي قرض 2 هزار 800 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب سوئي گئس ڪمپنين ۽ حڪومت جي تيل ۽ گئس سان لاڳاپيل ادارن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. حڪومت گئس جي گردشي قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ منصوبي تحت حڪومت بينڪن کان 2 هزار ارب رپين تائين قرض حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 800 ارب رپيا وياج جي معافي يا گهٽتائي لاءِ حڪومت ۽ بينڪن جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. قرض جي ادائيگي لاءِ پيٽروليم شين تي 3 کان 10 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ساڳي طرح گئس جي بلن ۾ قرض جي ادائيگي لاءِ اضافي سرچارج لاڳو ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب حڪومت ايندڙ 5 سالن ۾ بينڪن کان ورتل قرض جي مرحليوار ادائيگي ڪندي. پيٽروليم ليوي لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت کي سالياني 180 ارب رپيا آمدني حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سوئي گئس ڪمپنين جي غيرمعمولي نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے