اسلام آباد:(خميس 05 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف اڄ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، وزيراعظم جي دوري دوران ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات جي اميد آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ مسلم امت جي ڀلائي تي بحث ڪيو ويندو.
وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ سعودي عرب جي ڪردار لاءِ شڪرگذاري جو اظهار به ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، وزيراعظم جو دورو سعودي ويزن 2030 سان تعاون جا نوان رستا کوليندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language