welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سبي ۾ قومي شاهراهه تي ڪوچ سان حادثو، 4 مسافر فوت

سبي:(خميس 29 مئي 2025ع)سبي ۾ قومي شاهراهه تي ڪوچ اونڌي ٿيڻ سبب 4 مسافر فوت ٿي ويا. جيو نيوز موجب، بلوچستان جي شهر سبي ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ صادق آباد کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي. حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے