welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پهرين اليڪٽرڪ مسافر اڏام ڪاميابي سان نيويارڪ ۾ لينڊنگ

نيويارڪ:(خميس 05 جون 2025ع)بيٽا ٽيڪنالاجيز جي آل اليڪٽرڪ جهاز پنهنجي پهرين مسافر پرواز کان پوءِ نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪاميابي سان لينڊنگ ڪري هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي. آل اليڪٽرڪ CX300 جهاز ڪالهه آمريڪا جي لانگ آئلينڊ تي ايسٽ هيمپٽن ايئرپورٽ تان هڪ پائلٽ ۽ چار مسافرن سان گڏ اڏام ڪئي. تقريبن 45 منٽن جي مسلسل پرواز کان پوءِ، جهاز آمريڪا جي مصروف ترين جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تي ڪاميابي سان لينڊ ڪيو. آل اليڪٽرڪ جهاز تي سوار مسافرن ۾ آمريڪي علائقائي ڪيريئر ريپبلڪ ايئر ويز جو صدر ميٽ ڪوسڪل ۽ بليڊ ايئر موبلٽي جو چيف ايگزيڪيوٽو راب وائيسنٿل شامل هئا. بيٽا ٽيڪنالاجيز جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڪائل ڪلارڪ هن قابل ذڪر ڪاميابي تي چيو ته دنيا جي مصروف ترين هوائي اڏن مان هڪ تي مسافرن سان گڏ سندس برقي جهاز کي اڏائڻ ۽ لينڊ ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته جديد هوائي حرڪت مستقبل جو تصور نه پر هاڻي هڪ حقيقت آهي. CX300 آل اليڪٽرڪ جهاز 1 ڪلاڪ ۾ مڪمل طور تي چارج ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ ئي چارج تي مسلسل 622 ڪلوميٽر اڏامي سگهي ٿو. برقي جهاز جي پهرين مسافر پرواز ڪاميابي سان نيويارڪ ۾ لينڊ ڪئي
هي جهاز نومبر 2024 ۾ ڪينيڊا جي شهر برلنگٽن ۾ تيار ڪيو ويو هو، ۽ برلنگٽن کان برلنگٽن تائين ان جي پهرين ڪامياب آزمائشي پرواز 13 نومبر 2024 تي ٿي، جيڪا 1 ڪلاڪ ۽ 1 منٽ هلي. 10 جنوري 2025 تي، جهاز برلنگٽن کان آمريڪي رياست نيويارڪ جي پليٽسبرگ ايئرپورٽ تائين پنهنجي ٻي ڪامياب پرواز ڪئي، جيڪا 1 ڪلاڪ ۽ 6 منٽ هلي. ان کان پوءِ، جهاز مانچسٽر، ويسٽ فيلڊ، برلنگٽن، نيويارڪ، بيلمور، ريڊنگ، فريڊرڪ، ليزبرگ، سينفورڊ، بليڪسبرگ، فلورنس، اٽلانٽا، ڪولمبيا، اليگزينڊريا، فورٽ ورٿ، منرل، والز، لببڪ، سٽر سٽي، لاس ويگاس، روم ۽ ٻين شهرن جي وچ ۾ تقريبن 184 آزمائشي پروازون ڪيون آهن. بهرحال، 4 مسافرن سان پهرين ڪامياب باقاعده پرواز ڪالهه نيويارڪ ۾ لينڊ ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے