جڪارتا:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)انڊونيشيا جي سياحتي ٻيٽ بالي جي ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل رات بالي جي سياحتي ٻيٽ جي ويجهو ٻيڙي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين چار ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب، ٻيڙي تي 65 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 12 عملدار شامل هئا، جن مان 23 کي بچايو ويو آهي، پر 38 ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ انهن کي ڳولڻ لاءِ بچاءُ آپريشن جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻيڙي ٻڏڻ جا سبب ڳولڻ لاءِ جاچ جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language