welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باني جي آزادي نظر اچي رهي آهي: وڪيل فيصل چوڌري

راولپنڊي:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته مون کي ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي نظر اچي رهي آهي. سندن آزادي لاءِ ڪيترائي رستا ۽ حڪمت عمليون موجود آهن. راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مايوسيءَ جو ماحول آهي، مان باني پي ٽي آءِ جو پيغام وٺي وڃڻ چاهيان ٿو. مان سمجهان ٿو ته هاڻ به آزاديءَ جا ڪيترائي رستا موجود آهن، پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هن جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ مضبوط قدم کڻڻ ۽ حڪمت عملي ٺاهڻ ضروري آهي، لسٽ ساڳي ٺهي ٿي، ٻين ماڻهن کي به ملاقات جو موقعو ملڻ گهرجي. فيصل چوڌري چيو ته منهنجو خيال آهي ته مزاحمت ۽ مفاهمت جا رستا گڏ هلن ٿا، مفاهمت جو رستو به نه ڇڏڻ گهرجي، مزاحمت جو آپشن به ڪڏهن نه ڇڏڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے