ڪوئيٽا:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)جي يو آءِ مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته ايڪٽ جي بلوچستان اسيمبلي مان منظوري تي خدشا آهن، هر آئيني رستو اختيار ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ اسان وٽ هئي، چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ بل پاس ٿيو، بلوچستان جي معدنيات تي وفاق جو حق منظور ناهي، وسيلا بلوچستان جي ماڻهن جا آهن، حق تلفي ٿيڻ نه ڏينداسين، جي يو آءِ بلوچستان جي امير سينيٽر مولانا عبدالواسع چيو آهي ته اڄ مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، ايڪٽ لاڳو ٿي ويو ته بلوچستان جا ماڻهو هتي رهڻ جي قابل نه هوندا، اسان جي مخالفت سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بلوچستان جو مائنز اينڊ منرلز بل واپس ورتو ويو هو، بلوچستان اسيمبلي ۾ مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ جي منظوري جي دوران اسان جي ميمبرز سان دوکو ٿيو
0 تبصرے
Do not use vulgar language