welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊي ڄام ويجهو پاڻي ڀرڻ ويل نينگري سان مبينا زيادتي ڪوشش، مزاحمت تي گوليون هڻي زخمي

حيدرآباد:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي ڳوٺ حسين خان ٺوڙها ۾ 13 سالن جي نينگري سان جنسي زيادتي جي ڪوشش، نينگري جي مزاحمت تي جوابدار گوليون هڻي نينگري کي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته پٻڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حسين خان ٺوڙها ۾ هڪ جوابدار حسين عرف شولو پتافي پاران مبينا طور 13 سالن جي نينگري عشا سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. نينگري پاڻي ڀرڻ لاءِ ڄاڻايل جوابدار جي گهر وئي هئي جتي کيس جوابدار پاران کنڀي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي نينگري مزاحمت ڪئي ۽ پاڻ ڇڏائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو. نينگري سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿي آهي. واقعي جو ڪيس نينگري جي پيءُ عبدالله ولد حاجي خاصخيلي جي فرياد تي هوسڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي جڏهن ته جوابدار ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے