
ڪراچي:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاران سوشل ميڊيا تي ڪيل ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل پلاننگ ڪميشن جي جنهن رپورٽ جو حوالو ڏئي رهيو آهي، سنڌ حڪومت انهي رپورٽ تي اڳ ۾ ئي پنهنجا تحفظات ظاهر ڪندي ان کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته پلاننگ ڪميشن جي رپورٽ جو ڊيٽا 2022-23 جو آهي، ان وقت سنڌ مهاٻوڏ کي منهن ڏئي رهي هئي هزارين ماڻهو بي گهر هئا، جنهن ڪري رپورٽنگ ۾ به حقيقتون تبديل ٿيون. ساڳئي رپورٽ ۾ هڪ طرف ڄاڻايو ويو آهي ته پرائمري، مڊل، هاءِ ۽ هائر سيڪنڊري داخلا ۾ ترتيب وار 3.2، 7.6، 5 ۽ 8.8 سيڪڙو واڌ آئي آهي، ٻئي طرف شرح خواندگي ۾ وري گهٽتائي ڏيکاري وئي آهي، جيڪو پاڻ هڪ تضاد آهي. هن آدمشماري 2023 جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ جي آبادي 55.69 ملين آهي، صوبي ۾ 5 کان 16 ورهين جا اسڪول وڃڻ جي عمر جا ٻار 16.89 ملين آهن. آبادي جي سالياني واڌ جي حساب سان 2025ع ۾ ٻارن جو تعداد 17.78 ملين ٿيندو. اسان جي اسڪولن جي انگن اکرن موجب 11.61 ملين ٻار اسڪولن ۾ داخلا ورتل آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 62 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language