welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورخاص: پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو: 3 ڊويزنن جا ايڪسئين بدلي: هفتيوار وارابندي جو اعلان

ميرپورخاص:(خميس 05 جون 2025ع)نارا ڪئنال جي پڇڙين جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ھنيل ڌرڻو ٻئي ڏينھن شام تائين جاري رھيو. ان دوران ڊي سي ميرپورخاص ۽ آبادگارن جي10 رڪني ڪاميٽيءَ وچ ۾ ڳالھيون ٿيون، جتي آبادگارن پنھنجا تحفظات ظاھر ڪيا، جنھن بعد ڊي سي آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته ھو آبپاشي عملي سان ڳالھيون ڪري سندن تحفظات کي ختم ڪرائيندو، جنھن کان پوءِ آبادگارن سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اشفاق نوح ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانيھو، ڊي ايس پي فضل الحق چانڊيو ۽ ٻيا آبپاشي عملدار ڌرڻي واري ھنڌ پھتا، جن ٽيل آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پروفيسر يوسف راجپوت، مير اعجاز ٽالپر، فيصل ڪاڇيلو، ارباب انور، نصير رمڊان، محمد ڪلوئي، شمس الدين رمڊاڻ ۽ ٻين ڳالھيون ڪيون، ڳالھين دوران آبادگارن مطالبو ڪيو ته جتي جتي واٽرڪورس ٽٽل آھن يا جيڪي آبادگار پاڻيءَ جي چوريءَ ۾ ملوث آھن، انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. شاخن تي 15 ڏينھن جي وارابندي ختم ڪري ھفتيوار ڪئي وڃي، پاڻي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو وڃي ۽ پاڻي چوريءَ ۾ ملوث آبپاشي عملي خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جمڙائو، مٺڙائو ۽ ٿر ڊويزنن جي ايڪسيئن کي بدلي ڪيو وڃي. ان دوران ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن کي آگاھي ڏيندي چيو ته ٽنھي ڊويزنن جي انجنيئرن کي بدلي ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻ جمڙائو ڪئنال تي معاذ آرائين، مٺڙائو ڪئنال تي شان علي ملاح ۽ ٿر ڊويزن تي اسد الله ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو آھي. گڏجاڻي ۾ طعي ڪيو ويو ته رينجرز کي مقرر ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آھي، 7 ڏينھن اندر اھا پڻ مقرر ڪئي ويندي ۽ ٽنھي ضلعن ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ آبپاشي عملي، روينيو عملي ۽ آبادگارن تي ٻڌل ڪاميٽيون مقرر ڪيون وينديون، جن کي ھر ضلعي ۾ 2_2 پوليس موبائلون سيڪيورٽي طور ڏنيون وينديون ۽ اھي ڪاميٽيون ھر شاخ جي سمورن واٽرڪورسن تي ڇاپا ھڻي ٽٽل وارڪورسن کي بند ڪنديون ۽ ملوث آبپاشي عملي سميت پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. ڳالھيون دوران طعي ڪيو ويو ته شاخن تي 15 ڏينھن واري وارابندي کي گھٽائي ھفتيوار وارابندي ڪئي ويندي ۽ پڇڙين تائين پاڻيءَ جي پھچ کي يقيني بڻايو ويندو. آبادگارن جي ڪاميٽي ۽ انتظاميا وچ ۾ ڳالھيون طعي ٿيڻ بعد ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اشفاق ميمڻ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن کي خطاب ڪندي چيو ته احتجاج ڪندڙن کي جس آھي جو متحد رھيا آھن ۽ پرامن طريقي سان پنھنجي حقن لاءِ نڪتا آھن. ھن چيو تھ آبادگارن جي صلاح مصلحت سان ڪاميٽيون ٺاھيون ويون آھن.جيڪڏهن پاڻي چوري ۾ ڪو آبپاشي عملو ملوث نظر آيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے