welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قادرپور: 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 2 ڀائر بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

قادرپور:(خميس 12 جون 2025ع)پوليس قادرپور مان 16 ڏينهن اڳ ڪمند کي پاڻي ڏيندي اغوا ٿيل ٻن ڀائرن محمد قاسم ڀٽو ۽ محمد مراد ڀٽو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس موجب گذريل رات ڊي ايس پي زاهد حسين ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪچو ٻنڊي جو گهيراءُ ڪيو، ڏوهاري مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن دوران ڏوهاري اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو، هوڏانهن ذريعن موجب ٻنهي مغوين جي بازيابي ڏوهارين جون گرفتاريون ڪرڻ ۽ 40 لک روپيا ڀنگ ڀرڻ عيوض ٿي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے