welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڇا ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو رهندڙ آبادي کي بم سان اڏائڻ جي اجازت ڏيون؟ سپريم ڪورٽ

ڪراچي:(خميس 12 جون 2025ع)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اطهر رضوي ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي ايئرپورٽ جي آس پاس موبائل ٽاور لڳڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت درخواست تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سول ايوي ايشن ۽ ٻين اٿارٽيز موجب موبائل ٽاور پرڏيهي ايوي ايشن جي معيار موجب لڳايا ويا آهن، ذميوارن جي مشاهدي موجب ايئرپورٽ تي لهندڙ توڙي اڏامندڙ جهازن کي ڪو به خطرو ناهي، عدالت چيو ته جڏهن سول ايوي ايشن اٿارٽي چئي رهي آهي ته موبائل ٽاور سان ڪو به خطرو ناهي ته سپريم ڪورٽ مداخلت نٿي ڪري سگهي، درخواستگذار ايڊووڪيٽ محمد اسلم خان چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ پي آءِ اي جو جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو هو، جنهن تي عدالت چيو ته اهو حادثو آبادي جي ڪري نه ٿيو هو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جهاز جنهن عمارت سان ٽڪرايو هو، اها ڪا بلند عمارت نه هئي، روزانو ڪيترا جهاز ايندا ويندا آهن، انهن سان ڪو به مسئلو ناهي، جڏهن ته اٿارٽي کي مسئلو ناهي ته اوهان کي ڪهڙو مسئلو آهي؟ درخواستگذار چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي، اها فراڊ آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اٿارٽي ڪهڙو فراڊ ڪيو آهي؟ جسٽس عقيل عباسي چيو ته انهي جو مطلب اهو آهي ته ايئرپورٽ جي ويجهو رهندڙ آبادي کي بم سان اڏائڻ جي اجازت ڏني وڃي؟ يا جتي ائيرپورٽ هجي، اتي آبادي ختم ڪئي وڃي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته مسقبل ۾ ايئرپورٽ وٽ ڪو حادثو ٿيو ته سموري ذميواري سول ايوي ايشن تي هوندي، جيڪا چئي رهي آهي ته ٽاور سان جهازن کي ڪوبه خطرو ناهي .

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے