احمد آباد:(خميس 12 جون 2025ع)ڀارتي رياست گجرات جي راڄڌاني احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز افسوسناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملي سميت 241 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته هڪ مسافر معجزاڻي طور بچي ويو آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب، جهاز حادثي ۾ زنده بچي ويل اڪيلو مسافر برطانوي شهري آهي، جنهن حادثي کانپوءِ ميڊيا سان رابطو ڪري پنهنجي بورڊنگ پاس ۽ سيٽ نمبر جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا.
ٻئي پاسي احمد جي پوليس ڪمشنر جي ايس ملڪ جو چوڻ آهي ته بوئنگ 787-8 ڊريم لائنر جهاز ۾ سيٽ اي-11 تي ويٺل مسافر جهاز حادثي ۾ محفوظ رهيو، جيڪو هن وقت مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
ايئر انڊيا اختيارين موجب، جهاز جي سيٽ اي 11 تي موجود مسافر جو نالو وشواش ڪمار رميش آهي ۽ هو برطانوي شهري آهي.
هواڏنهن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وشواش ڪمار جو چوڻ هو ته ٽيڪ آف کانپوءِ اٽڪل 30 سيڪنڊن کانپوءِ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ان کانپووءِ جهاز زمين تي ڪِري تباهه ٿي ويو، اِهو سڀ ڏاڍو تيزيءَ سان ٿيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language